الهڏنو مهر

الهڏنو مهر: سگهڙ الهه ڏنو پٽ گل بيگ مهر، ڳوٺ ڪنڊي تعلقي ميرپورماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ سال 1290هه/1873ع ۾ ڄائو. کيس ٻين به ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام ياد هو. پنهنجي ڪلام ۾ ٿر جا محاورا گهڻا ڪم آندا اٿس. اڻ پڙهيل هو. پير پکڙائيءَ جو مجاور هو، تنهنڪري ان جي حب ۾ گهڻو ڪلام ڇپرايو اٿس، مالوند ماڻهو هو، جنهنڪري بيتن ۾ مال جا گهڻا نالا ڪتب آندا اٿس. ميلن ۽ مارڪن جو شوقين هو. سندس ٻه پٽ گل بيگ ۽ ڌڻي بخش به پيءُ وانگر سگهڙ آهن. هن 80 ورهين جي ڄمار ۾ سال 1370هه/1950ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1873.00.00  عيسوي

الهه ڏنو مهر 1873ع ۾ ڄائو


1950.00.00  عيسوي

الهه ڏنو مهر 1950ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهنواز خان
ساران صديقي ڊاڪٽر
ابراهيم بلوچ
بهادر خان کوکر
راحيلا شر
ڄام ڪارائڙو
دليپ ڪوٺارِي
جلم بن شيبان
پيرل قنبر
ام ابي هريره رضه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون